Surah Ash-Shams — The Sun
Surah Ash-Shams (The Sun) is chapter 91 of the Quran, with 15 verses. This page presents the Arabic text with a Sindhi translation, verse by verse.
وَٱلشَّمۡسِ وَضُحَىٰهَا
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي
Ayah 1وَٱلۡقَمَرِ إِذَا تَلَىٰهَا
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي
Ayah 2وَٱلنَّهَارِ إِذَا جَلَّىٰهَا
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري
Ayah 3وَٱلَّيۡلِ إِذَا يَغۡشَىٰهَا
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي
Ayah 4وَٱلسَّمَآءِ وَمَا بَنَىٰهَا
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو
Ayah 5وَٱلۡأَرۡضِ وَمَا طَحَىٰهَا
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو
Ayah 6وَنَفۡسࣲ وَمَا سَوَّىٰهَا
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو
Ayah 7فَأَلۡهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقۡوَىٰهَا
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس
Ayah 8قَدۡ أَفۡلَحَ مَن زَكَّىٰهَا
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو
Ayah 9وَقَدۡ خَابَ مَن دَسَّىٰهَا
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو
Ayah 10كَذَّبَتۡ ثَمُودُ بِطَغۡوَىٰهَآ
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو
Ayah 11إِذِ ٱنۢبَعَثَ أَشۡقَىٰهَا
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو
Ayah 12فَقَالَ لَهُمۡ رَسُولُ ٱللَّهِ نَاقَةَ ٱللَّهِ وَسُقۡيَٰهَا
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو
Ayah 13فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمۡدَمَ عَلَيۡهِمۡ رَبُّهُم بِذَنۢبِهِمۡ فَسَوَّىٰهَا
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين
Ayah 14وَلَا يَخَافُ عُقۡبَٰهَا
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي
Ayah 15