Surah As-Saaffaat — Those drawn up in Ranks
Surah As-Saaffaat (Those drawn up in Ranks) is chapter 37 of the Quran, with 182 verses. This page presents the Arabic text with a Sindhi translation, verse by verse.
وَٱلصَّٰٓفَّٰتِ صَفࣰّ ا
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
Ayah 1فَٱلزَّٰجِرَٰتِ زَجۡرࣰ ا
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
Ayah 2فَٱلتَّٰلِيَٰتِ ذِكۡرًا
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي
Ayah 3إِنَّ إِلَٰهَكُمۡ لَوَٰحِدࣱ
ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي
Ayah 4رَّبُّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِ وَمَا بَيۡنَهُمَا وَرَبُّ ٱلۡمَشَٰرِقِ
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي
Ayah 5إِنَّا زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنۡيَا بِزِينَةٍ ٱلۡكَوَاكِبِ
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو
Ayah 6وَحِفۡظࣰ ا مِّن كُلِّ شَيۡطَٰنࣲ مَّارِدࣲ
۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون
Ayah 7لَّا يَسَّمَّعُونَ إِلَى ٱلۡمَلَإِ ٱلۡأَعۡلَىٰ وَيُقۡذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبࣲ
ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن
Ayah 8دُحُورࣰ اۖ وَلَهُمۡ عَذَابࣱ وَاصِبٌ
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي
Ayah 9إِلَّا مَنۡ خَطِفَ ٱلۡخَطۡفَةَ فَأَتۡبَعَهُۥ شِهَابࣱ ثَاقِبࣱ
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي
Ayah 10فَٱسۡتَفۡتِهِمۡ أَهُمۡ أَشَدُّ خَلۡقًا أَم مَّنۡ خَلَقۡنَآۚ إِنَّا خَلَقۡنَٰهُم مِّن طِينࣲ لَّازِبِۭ
پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو
Ayah 11بَلۡ عَجِبۡتَ وَيَسۡخَرُونَ
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن
Ayah 12وَإِذَا ذُكِّرُواْ لَا يَذۡكُرُونَ
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن
Ayah 13وَإِذَا رَأَوۡاْ ءَايَةࣰ يَسۡتَسۡخِرُونَ
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن
Ayah 14وَقَالُوٓاْ إِنۡ هَٰذَآ إِلَّا سِحۡرࣱ مُّبِينٌ
۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي
Ayah 15أَءِذَا مِتۡنَا وَكُنَّا تُرَابࣰ ا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبۡعُوثُونَ
ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
Ayah 16أَوَءَابَآؤُنَا ٱلۡأَوَّلُونَ
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
Ayah 17قُلۡ نَعَمۡ وَأَنتُمۡ دَٰخِرُونَ
چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ
Ayah 18فَإِنَّمَا هِيَ زَجۡرَةࣱ وَٰحِدَةࣱ فَإِذَا هُمۡ يَنظُرُونَ
پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا
Ayah 19وَقَالُواْ يَٰوَيۡلَنَا هَٰذَا يَوۡمُ ٱلدِّينِ
۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي
Ayah 20هَٰذَا يَوۡمُ ٱلۡفَصۡلِ ٱلَّذِي كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي
Ayah 21۞ٱحۡشُرُواْ ٱلَّذِينَ ظَلَمُواْ وَأَزۡوَٰجَهُمۡ وَمَا كَانُواْ يَعۡبُدُونَ
(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
Ayah 22مِن دُونِ ٱللَّهِ فَٱهۡدُوهُمۡ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلۡجَحِيمِ
تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو
Ayah 23وَقِفُوهُمۡۖ إِنَّهُم مَّسۡـُٔولُونَ
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو
Ayah 24مَا لَكُمۡ لَا تَنَاصَرُونَ
(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
Ayah 25بَلۡ هُمُ ٱلۡيَوۡمَ مُسۡتَسۡلِمُونَ
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن
Ayah 26وَأَقۡبَلَ بَعۡضُهُمۡ عَلَىٰ بَعۡضࣲ يَتَسَآءَلُونَ
۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
Ayah 27قَالُوٓاْ إِنَّكُمۡ كُنتُمۡ تَأۡتُونَنَا عَنِ ٱلۡيَمِينِ
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ
Ayah 28قَالُواْ بَل لَّمۡ تَكُونُواْ مُؤۡمِنِينَ
(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ
Ayah 29وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيۡكُم مِّن سُلۡطَٰنِۭۖ بَلۡ كُنتُمۡ قَوۡمࣰ ا طَٰغِينَ
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ
Ayah 30فَحَقَّ عَلَيۡنَا قَوۡلُ رَبِّنَآۖ إِنَّا لَذَآئِقُونَ
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون
Ayah 31فَأَغۡوَيۡنَٰكُمۡ إِنَّا كُنَّا غَٰوِينَ
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون
Ayah 32فَإِنَّهُمۡ يَوۡمَئِذࣲ فِي ٱلۡعَذَابِ مُشۡتَرِكُونَ
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا
Ayah 33إِنَّا كَذَٰلِكَ نَفۡعَلُ بِٱلۡمُجۡرِمِينَ
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون
Ayah 34إِنَّهُمۡ كَانُوٓاْ إِذَا قِيلَ لَهُمۡ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّهُ يَسۡتَكۡبِرُونَ
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا
Ayah 35وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوٓاْ ءَالِهَتِنَا لِشَاعِرࣲ مَّجۡنُونِۭ
۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
Ayah 36بَلۡ جَآءَ بِٱلۡحَقِّ وَصَدَّقَ ٱلۡمُرۡسَلِينَ
بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين
Ayah 37إِنَّكُمۡ لَذَآئِقُواْ ٱلۡعَذَابِ ٱلۡأَلِيمِ
بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو
Ayah 38وَمَا تُجۡزَوۡنَ إِلَّا مَا كُنتُمۡ تَعۡمَلُونَ
۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ
Ayah 39إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلۡمُخۡلَصِينَ
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا)
Ayah 40أُوْلَٰٓئِكَ لَهُمۡ رِزۡقࣱ مَّعۡلُومࣱ
اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي
Ayah 41فَوَٰكِهُ وَهُم مُّكۡرَمُونَ
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن
Ayah 42فِي جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
نعمت وارن باغن ۾
Ayah 43عَلَىٰ سُرُرࣲ مُّتَقَٰبِلِينَ
تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا
Ayah 44يُطَافُ عَلَيۡهِم بِكَأۡسࣲ مِّن مَّعِينِۭ
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو
Ayah 45بَيۡضَآءَ لَذَّةࣲ لِّلشَّٰرِبِينَ
جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو
Ayah 46لَا فِيهَا غَوۡلࣱ وَلَا هُمۡ عَنۡهَا يُنزَفُونَ
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا
Ayah 47وَعِندَهُمۡ قَٰصِرَٰتُ ٱلطَّرۡفِ عِينࣱ
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون
Ayah 48كَأَنَّهُنَّ بَيۡضࣱ مَّكۡنُونࣱ
ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن
Ayah 49فَأَقۡبَلَ بَعۡضُهُمۡ عَلَىٰ بَعۡضࣲ يَتَسَآءَلُونَ
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
Ayah 50قَالَ قَآئِلࣱ مِّنۡهُمۡ إِنِّي كَانَ لِي قَرِينࣱ
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو
Ayah 51يَقُولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ ٱلۡمُصَدِّقِينَ
جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
Ayah 52أَءِذَا مِتۡنَا وَكُنَّا تُرَابࣰ ا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَدِينُونَ
ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
Ayah 53قَالَ هَلۡ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
Ayah 54فَٱطَّلَعَ فَرَءَاهُ فِي سَوَآءِ ٱلۡجَحِيمِ
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو
Ayah 55قَالَ تَٱللَّهِ إِن كِدتَّ لَتُرۡدِينِ
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو
Ayah 56وَلَوۡلَا نِعۡمَةُ رَبِّي لَكُنتُ مِنَ ٱلۡمُحۡضَرِينَ
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا
Ayah 57أَفَمَا نَحۡنُ بِمَيِّتِينَ
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون
Ayah 58إِلَّا مَوۡتَتَنَا ٱلۡأُولَىٰ وَمَا نَحۡنُ بِمُعَذَّبِينَ
(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون
Ayah 59إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلۡفَوۡزُ ٱلۡعَظِيمُ
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
Ayah 60لِمِثۡلِ هَٰذَا فَلۡيَعۡمَلِ ٱلۡعَٰمِلُونَ
اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن
Ayah 61أَذَٰلِكَ خَيۡرࣱ نُّزُلًا أَمۡ شَجَرَةُ ٱلزَّقُّومِ
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
Ayah 62إِنَّا جَعَلۡنَٰهَا فِتۡنَةࣰ لِّلظَّٰلِمِينَ
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي
Ayah 63إِنَّهَا شَجَرَةࣱ تَخۡرُجُ فِيٓ أَصۡلِ ٱلۡجَحِيمِ
بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي
Ayah 64طَلۡعُهَا كَأَنَّهُۥ رُءُوسُ ٱلشَّيَٰطِينِ
اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن
Ayah 65فَإِنَّهُمۡ لَأٓكِلُونَ مِنۡهَا فَمَالِـُٔونَ مِنۡهَا ٱلۡبُطُونَ
پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا
Ayah 66ثُمَّ إِنَّ لَهُمۡ عَلَيۡهَا لَشَوۡبࣰ ا مِّنۡ حَمِيمࣲ
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي
Ayah 67ثُمَّ إِنَّ مَرۡجِعَهُمۡ لَإِلَى ٱلۡجَحِيمِ
وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو
Ayah 68إِنَّهُمۡ أَلۡفَوۡاْ ءَابَآءَهُمۡ ضَآلِّينَ
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو
Ayah 69فَهُمۡ عَلَىٰٓ ءَاثَٰرِهِمۡ يُهۡرَعُونَ
تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا
Ayah 70وَلَقَدۡ ضَلَّ قَبۡلَهُمۡ أَكۡثَرُ ٱلۡأَوَّلِينَ
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا
Ayah 71وَلَقَدۡ أَرۡسَلۡنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون
Ayah 72فَٱنظُرۡ كَيۡفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلۡمُنذَرِينَ
پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
Ayah 73إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلۡمُخۡلَصِينَ
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي)
Ayah 74وَلَقَدۡ نَادَىٰنَا نُوحࣱ فَلَنِعۡمَ ٱلۡمُجِيبُونَ
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون
Ayah 75وَنَجَّيۡنَٰهُ وَأَهۡلَهُۥ مِنَ ٱلۡكَرۡبِ ٱلۡعَظِيمِ
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون
Ayah 76وَجَعَلۡنَا ذُرِّيَّتَهُۥ هُمُ ٱلۡبَاقِينَ
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون
Ayah 77وَتَرَكۡنَا عَلَيۡهِ فِي ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون
Ayah 78سَلَٰمٌ عَلَىٰ نُوحࣲ فِي ٱلۡعَٰلَمِينَ
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي
Ayah 79إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
Ayah 80إِنَّهُۥ مِنۡ عِبَادِنَا ٱلۡمُؤۡمِنِينَ
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
Ayah 81ثُمَّ أَغۡرَقۡنَا ٱلۡأٓخَرِينَ
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون
Ayah 82۞وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِۦ لَإِبۡرَٰهِيمَ
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو
Ayah 83إِذۡ جَآءَ رَبَّهُۥ بِقَلۡبࣲ سَلِيمٍ
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو
Ayah 84إِذۡ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوۡمِهِۦ مَاذَا تَعۡبُدُونَ
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
Ayah 85أَئِفۡكًا ءَالِهَةࣰ دُونَ ٱللَّهِ تُرِيدُونَ
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
Ayah 86فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
Ayah 87فَنَظَرَ نَظۡرَةࣰ فِي ٱلنُّجُومِ
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين
Ayah 88فَقَالَ إِنِّي سَقِيمࣱ
پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس
Ayah 89فَتَوَلَّوۡاْ عَنۡهُ مُدۡبِرِينَ
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا
Ayah 90فَرَاغَ إِلَىٰٓ ءَالِهَتِهِمۡ فَقَالَ أَلَا تَأۡكُلُونَ
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
Ayah 91مَا لَكُمۡ لَا تَنطِقُونَ
اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
Ayah 92فَرَاغَ عَلَيۡهِمۡ ضَرۡبَۢا بِٱلۡيَمِينِ
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو
Ayah 93فَأَقۡبَلُوٓاْ إِلَيۡهِ يَزِفُّونَ
پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا
Ayah 94قَالَ أَتَعۡبُدُونَ مَا تَنۡحِتُونَ
(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
Ayah 95وَٱللَّهُ خَلَقَكُمۡ وَمَا تَعۡمَلُونَ
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو
Ayah 96قَالُواْ ٱبۡنُواْ لَهُۥ بُنۡيَٰنࣰ ا فَأَلۡقُوهُ فِي ٱلۡجَحِيمِ
(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو
Ayah 97فَأَرَادُواْ بِهِۦ كَيۡدࣰ ا فَجَعَلۡنَٰهُمُ ٱلۡأَسۡفَلِينَ
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون
Ayah 98وَقَالَ إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّي سَيَهۡدِينِ
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي)
Ayah 99رَبِّ هَبۡ لِي مِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر
Ayah 100فَبَشَّرۡنَٰهُ بِغُلَٰمٍ حَلِيمࣲ
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون
Ayah 101فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ ٱلسَّعۡيَ قَالَ يَٰبُنَيَّ إِنِّيٓ أَرَىٰ فِي ٱلۡمَنَامِ أَنِّيٓ أَذۡبَحُكَ فَٱنظُرۡ مَاذَا تَرَىٰۚ قَالَ يَٰٓأَبَتِ ٱفۡعَلۡ مَا تُؤۡمَرُۖ سَتَجِدُنِيٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّٰبِرِينَ
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين
Ayah 102فَلَمَّآ أَسۡلَمَا وَتَلَّهُۥ لِلۡجَبِينِ
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو
Ayah 103وَنَٰدَيۡنَٰهُ أَن يَٰٓإِبۡرَٰهِيمُ
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم
Ayah 104قَدۡ صَدَّقۡتَ ٱلرُّءۡيَآۚ إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
Ayah 105إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلۡبَلَٰٓؤُاْ ٱلۡمُبِينُ
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي
Ayah 106وَفَدَيۡنَٰهُ بِذِبۡحٍ عَظِيمࣲ
۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون
Ayah 107وَتَرَكۡنَا عَلَيۡهِ فِي ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
Ayah 108سَلَٰمٌ عَلَىٰٓ إِبۡرَٰهِيمَ
ابراھيم تي شال سلام ھجي
Ayah 109كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ
ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
Ayah 110إِنَّهُۥ مِنۡ عِبَادِنَا ٱلۡمُؤۡمِنِينَ
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
Ayah 111وَبَشَّرۡنَٰهُ بِإِسۡحَٰقَ نَبِيࣰّ ا مِّنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي
Ayah 112وَبَٰرَكۡنَا عَلَيۡهِ وَعَلَىٰٓ إِسۡحَٰقَۚ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحۡسِنࣱ وَظَالِمࣱ لِّنَفۡسِهِۦ مُبِينࣱ
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن
Ayah 113وَلَقَدۡ مَنَنَّا عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون
Ayah 114وَنَجَّيۡنَٰهُمَا وَقَوۡمَهُمَا مِنَ ٱلۡكَرۡبِ ٱلۡعَظِيمِ
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون
Ayah 115وَنَصَرۡنَٰهُمۡ فَكَانُواْ هُمُ ٱلۡغَٰلِبِينَ
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا
Ayah 116وَءَاتَيۡنَٰهُمَا ٱلۡكِتَٰبَ ٱلۡمُسۡتَبِينَ
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون
Ayah 117وَهَدَيۡنَٰهُمَا ٱلصِّرَٰطَ ٱلۡمُسۡتَقِيمَ
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون
Ayah 118وَتَرَكۡنَا عَلَيۡهِمَا فِي ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون
Ayah 119سَلَٰمٌ عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ
مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي
Ayah 120إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
Ayah 121إِنَّهُمَا مِنۡ عِبَادِنَا ٱلۡمُؤۡمِنِينَ
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن
Ayah 122وَإِنَّ إِلۡيَاسَ لَمِنَ ٱلۡمُرۡسَلِينَ
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو
Ayah 123إِذۡ قَالَ لِقَوۡمِهِۦٓ أَلَا تَتَّقُونَ
جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
Ayah 124أَتَدۡعُونَ بَعۡلࣰ ا وَتَذَرُونَ أَحۡسَنَ ٱلۡخَٰلِقِينَ
ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
Ayah 125ٱللَّهَ رَبَّكُمۡ وَرَبَّ ءَابَآئِكُمُ ٱلۡأَوَّلِينَ
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي
Ayah 126فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمۡ لَمُحۡضَرُونَ
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن
Ayah 127إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلۡمُخۡلَصِينَ
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن)
Ayah 128وَتَرَكۡنَا عَلَيۡهِ فِي ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
Ayah 129سَلَٰمٌ عَلَىٰٓ إِلۡ يَاسِينَ
الياس تي شال سلام ھجي
Ayah 130إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
Ayah 131إِنَّهُۥ مِنۡ عِبَادِنَا ٱلۡمُؤۡمِنِينَ
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي
Ayah 132وَإِنَّ لُوطࣰ ا لَّمِنَ ٱلۡمُرۡسَلِينَ
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو
Ayah 133إِذۡ نَجَّيۡنَٰهُ وَأَهۡلَهُۥٓ أَجۡمَعِينَ
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون
Ayah 134إِلَّا عَجُوزࣰ ا فِي ٱلۡغَٰبِرِينَ
سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي
Ayah 135ثُمَّ دَمَّرۡنَا ٱلۡأٓخَرِينَ
وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون
Ayah 136وَإِنَّكُمۡ لَتَمُرُّونَ عَلَيۡهِم مُّصۡبِحِينَ
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو
Ayah 137وَبِٱلَّيۡلِۚ أَفَلَا تَعۡقِلُونَ
۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
Ayah 138وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ ٱلۡمُرۡسَلِينَ
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو
Ayah 139إِذۡ أَبَقَ إِلَى ٱلۡفُلۡكِ ٱلۡمَشۡحُونِ
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو
Ayah 140فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ ٱلۡمُدۡحَضِينَ
پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو
Ayah 141فَٱلۡتَقَمَهُ ٱلۡحُوتُ وَهُوَ مُلِيمࣱ
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو
Ayah 142فَلَوۡلَآ أَنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلۡمُسَبِّحِينَ
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا
Ayah 143لَلَبِثَ فِي بَطۡنِهِۦٓ إِلَىٰ يَوۡمِ يُبۡعَثُونَ
ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا
Ayah 144۞فَنَبَذۡنَٰهُ بِٱلۡعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيمࣱ
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو
Ayah 145وَأَنۢبَتۡنَا عَلَيۡهِ شَجَرَةࣰ مِّن يَقۡطِينࣲ
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون
Ayah 146وَأَرۡسَلۡنَٰهُ إِلَىٰ مِاْئَةِ أَلۡفٍ أَوۡ يَزِيدُونَ
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون
Ayah 147فَـَٔامَنُواْ فَمَتَّعۡنَٰهُمۡ إِلَىٰ حِينࣲ
پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون
Ayah 148فَٱسۡتَفۡتِهِمۡ أَلِرَبِّكَ ٱلۡبَنَاتُ وَلَهُمُ ٱلۡبَنُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
Ayah 149أَمۡ خَلَقۡنَا ٱلۡمَلَٰٓئِكَةَ إِنَٰثࣰ ا وَهُمۡ شَٰهِدُونَ
يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا
Ayah 150أَلَآ إِنَّهُم مِّنۡ إِفۡكِهِمۡ لَيَقُولُونَ
خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن
Ayah 151وَلَدَ ٱللَّهُ وَإِنَّهُمۡ لَكَٰذِبُونَ
ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن
Ayah 152أَصۡطَفَى ٱلۡبَنَاتِ عَلَى ٱلۡبَنِينَ
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
Ayah 153مَا لَكُمۡ كَيۡفَ تَحۡكُمُونَ
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
Ayah 154أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
Ayah 155أَمۡ لَكُمۡ سُلۡطَٰنࣱ مُّبِينࣱ
يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
Ayah 156فَأۡتُواْ بِكِتَٰبِكُمۡ إِن كُنتُمۡ صَٰدِقِينَ
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو
Ayah 157وَجَعَلُواْ بَيۡنَهُۥ وَبَيۡنَ ٱلۡجِنَّةِ نَسَبࣰ اۚ وَلَقَدۡ عَلِمَتِ ٱلۡجِنَّةُ إِنَّهُمۡ لَمُحۡضَرُونَ
۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا
Ayah 158سُبۡحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي
Ayah 159إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلۡمُخۡلَصِينَ
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي)
Ayah 160فَإِنَّكُمۡ وَمَا تَعۡبُدُونَ
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو
Ayah 161مَآ أَنتُمۡ عَلَيۡهِ بِفَٰتِنِينَ
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو
Ayah 162إِلَّا مَنۡ هُوَ صَالِ ٱلۡجَحِيمِ
پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي
Ayah 163وَمَا مِنَّآ إِلَّا لَهُۥ مَقَامࣱ مَّعۡلُومࣱ
۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي
Ayah 164وَإِنَّا لَنَحۡنُ ٱلصَّآفُّونَ
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون
Ayah 165وَإِنَّا لَنَحۡنُ ٱلۡمُسَبِّحُونَ
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون
Ayah 166وَإِن كَانُواْ لَيَقُولُونَ
۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا
Ayah 167لَوۡ أَنَّ عِندَنَا ذِكۡرࣰ ا مِّنَ ٱلۡأَوَّلِينَ
ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا
Ayah 168لَكُنَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلۡمُخۡلَصِينَ
ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا
Ayah 169فَكَفَرُواْ بِهِۦۖ فَسَوۡفَ يَعۡلَمُونَ
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا
Ayah 170وَلَقَدۡ سَبَقَتۡ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا ٱلۡمُرۡسَلِينَ
۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو
Ayah 171إِنَّهُمۡ لَهُمُ ٱلۡمَنصُورُونَ
ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن
Ayah 172وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ ٱلۡغَٰلِبُونَ
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي
Ayah 173فَتَوَلَّ عَنۡهُمۡ حَتَّىٰ حِينࣲ
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ
Ayah 174وَأَبۡصِرۡهُمۡ فَسَوۡفَ يُبۡصِرُونَ
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا
Ayah 175أَفَبِعَذَابِنَا يَسۡتَعۡجِلُونَ
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
Ayah 176فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمۡ فَسَآءَ صَبَاحُ ٱلۡمُنذَرِينَ
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو
Ayah 177وَتَوَلَّ عَنۡهُمۡ حَتَّىٰ حِينࣲ
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ
Ayah 178وَأَبۡصِرۡ فَسَوۡفَ يُبۡصِرُونَ
۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا
Ayah 179سُبۡحَٰنَ رَبِّكَ رَبِّ ٱلۡعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي
Ayah 180وَسَلَٰمٌ عَلَى ٱلۡمُرۡسَلِينَ
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي
Ayah 181وَٱلۡحَمۡدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي
Ayah 182