Surah Al-Infitaar — The Cleaving
Surah Al-Infitaar (The Cleaving) is chapter 82 of the Quran, with 19 verses. This page presents the Arabic text with a Sindhi translation, verse by verse.
إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتۡ
جڏھن آسمان ڦاٽندو
Ayah 1وَإِذَا ٱلۡكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتۡ
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا
Ayah 2وَإِذَا ٱلۡبِحَارُ فُجِّرَتۡ
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا
Ayah 3وَإِذَا ٱلۡقُبُورُ بُعۡثِرَتۡ
۽ جڏھن قبرون پٽبيون
Ayah 4عَلِمَتۡ نَفۡسࣱ مَّا قَدَّمَتۡ وَأَخَّرَتۡ
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين
Ayah 5يَٰٓأَيُّهَا ٱلۡإِنسَٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلۡكَرِيمِ
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
Ayah 6ٱلَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين
Ayah 7فِيٓ أَيِّ صُورَةࣲ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين
Ayah 8كَلَّا بَلۡ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو
Ayah 9وَإِنَّ عَلَيۡكُمۡ لَحَٰفِظِينَ
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن
Ayah 10كِرَامࣰ ا كَٰتِبِينَ
سڳورا لکڻ وارا
Ayah 11يَعۡلَمُونَ مَا تَفۡعَلُونَ
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن
Ayah 12إِنَّ ٱلۡأَبۡرَارَ لَفِي نَعِيمࣲ
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا
Ayah 13وَإِنَّ ٱلۡفُجَّارَ لَفِي جَحِيمࣲ
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا
Ayah 14يَصۡلَوۡنَهَا يَوۡمَ ٱلدِّينِ
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا
Ayah 15وَمَا هُمۡ عَنۡهَا بِغَآئِبِينَ
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا
Ayah 16وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا يَوۡمُ ٱلدِّينِ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
Ayah 17ثُمَّ مَآ أَدۡرَىٰكَ مَا يَوۡمُ ٱلدِّينِ
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
Ayah 18يَوۡمَ لَا تَمۡلِكُ نَفۡسࣱ لِّنَفۡسࣲ شَيۡـࣰٔ اۖ وَٱلۡأَمۡرُ يَوۡمَئِذࣲ لِّلَّهِ
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي
Ayah 19